راڻيپور(ن پ ا) حضرت سچل سرمست رحه جو ساليانو204 هين عرس مبارڪ جون درازه ۾ تقريبات جو سلسلو هلندڙ، صوبائي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي ۽ سچل يادگارڪاميٽي جي گڏيل سهڪار سان ملاکڙا گرائونڊ ملهه پهلوانن جا سخت مقابلا ٿيا. پهرين جوڙ جي مقابلي ملهه پهلوان منٺار بگٽي سوڀ حاصل ڪئي ٻي جوڙ ۾ حفيظ خاصخيلي ڪاميابي، ۽ ٽي جوڙ ۾ بابر جمالي سخت محنت زور آمائي ڪري پوزيشنيون ماڻيون اي سي صوبوديرو ڊاڪٽر رانا حسيب، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سيد ساجد حسين شاهه، ڊي او اسپورٽس محمد اخلاق ميمڻ ملاکڙي جا مھمان ٿيا ان موقعي اسٽنٽ ڪمشنر رانا حسيب چيو ته ملاکڙي جا مقابلا ڪرائڻ جو مقصد سنڌي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ ثقافتي ورثي بابت جاگرتا پيدا ڪرڻ آهي. ملاکڙي جي مقابلي ۾ سنڌ جي 200 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ملهه پهلوان عبدالقادر ميتلو، محرم مجيدانو، خان ڦل، جبار ڦل، عبدالجبار گوپانگ، علي نواز ميتلو، غلام شبير بلوچ، شعبان شر ۽ ٻيا شامل ھا ان موقعي تي ملھ پھلوانن ڳالھايندي چيو ته ملھ سنڌ جي ثقافت آھي پر ملھ پھلوانن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ملھ پھلوانن کي معاوضو نٿو ڏنو وڃي انھن جي اولاد کي نوڪري نٿي ڏني وڃي ثقافت کاتو پنھنجي من پسند ماڻھن کي ايوارڊ ب ڏياري ٿو پر جيڪي محنت ڪن ٿا انھن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي