اعليٰ معيار جي مقبول عوامي شاعريءَ جا جيڪe ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ خيال جي اونهائي، سگھارن احساسن جي اُپٽار، لفظن ۽ جملن جو سهڻو سٽاءُ شامل آهي. اهي سموريون خوبيون سنڌ جي شاعرن جي شاهه، سيد عبداللطيف (1752ع – 1689ع) جي ڪلام ۾ موجود آهن، مگر سندس عظيم شخصيت ۽ پيغام جي بي انتها عوامي مقبوليت جو خاص سبب آهي، سندس ساڻيهه جي سِڪ، ماڻهن جي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ لامحدود پيار. شاعر ۽ شاعريءَ جي پرک جو اهو پئمانو مڙني معيارن کان مختلف ۽ مٿانهون آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
هڪ هنڌ شيخ اياز لکيو آهي ته، مون اڄ تائين ملڪ ۽ اتي جي ماڻهن لاءِ بي انت محبت جو مثال ههڙي سِٽ ڪٿي ناهي پڙهي!
“جيها جي تيها، مون مارو مڃئا”
هڪ حساس ۽ دردمند دل رکندڙ شاعر پنهنجي دور جي سماجي حالتن جو ترجمان هوندو آهي. سندس ان عظمت سان گڏ ڪجهه شخصيتي خوبين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
سيد عبداللطيف بن حبيب شاهه جو جنم “سئي قندر” ڳوٺ ۾ ٿيو، جتي هو اٽڪل پندرنهن سالن تائين پنهنجي ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ رهيو. ڦوهه جوانيءَ ۾ سير و سياحت جو شوق جاڳيس ۽ سڄا سارا چاليهه سال جوڳين، سامين ۽ سنياسين جي سنگت ۾ لاڙ، اتر، ڪاڇو، ڪڇ ڀُڄ، بلوچستان، جوناڳڙهه ۽ جيسلمير جا اڻانگا پنڌ لتاڙيندو ۽ مشاهدا ماڻيندو رهيو. حياتيءَ جي پوين ڏهه سالن ۾ هڪ مٿانهين وارياسي ڀِٽَ، جنهن جي چوڌاريءَ قدرتي وڻڪار ۽ پاڻي موجود هو، ان کي پنهنجي سِر پاڻ جماعت سان گڏجي، سونت ۾ آڻي، پکڙا اڏي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس عجز نياز ۽ انسان دوستيءَ جي هاڪ ٻڌي آسپاس جا رهواسي به هيڏانهن رجوع ٿيا ۽ جلد ئي “ڀِٽَ” کي ماڻهن “شاهه جي ڀِٽَ” ۽ “ڀٽ شاهه” ڳوٺ طور مشهور ڪري ڇڏيو. اهو نالو سيد عبداللطيف کي ڏاڍو وڻيو ۽ پاڻ کي “ڀٽائي” سڏائڻ شروع ڪيائين، جيڪو اڄ تائين سندس نالي جو اهم جزو بڻيل آهي. هن پنهنجا مالڪاڻا حق جتائڻ يا پاڻ پڏائڻ واري سوچ کي پوئتي رکيو. هن پنهنجي ڳوٺ کي سيد آباد، لطيف آباد، شاهپور يا حبيب آباد نالو ڪو نه ڏنو. مريدن کان ڏَن ۽ جماعت کان ونگارون وٺي نه ڪي حجرا يا شاندار حويليون ٺهرايائين ۽ نه ئي اوتارا ۽ اوطاقون اڏيائين. عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هن ڀونءِ جي باشندن سان پِرت جو پيوند اهڙو ته پختو لڳي ويو، جو چئي ڏنائين ته:
“سنهي سُئيءَ سبيو، مون مارُن سين ساهه”
اهو شاهه ڀٽائيءَ جو ماروئڙن سان موهه جو ئي نتيجو هو، جو هن پنهنجي اصل نسل واري ساداتي نسبت جھڙوڪ بخاري، هروي، متعلوي، ڪاظمي، رضوي يا نقوي سڏائڻ بدران “ڀٽائي” چوائڻ ۾ عار محسوس نه ڪيو. هن پنهنجي ڪلام ۾ لفظ “سيد” به تمام گھٽ استعمال ڪيو آهي. هن ظاهري زندگيءَ ۾ به اوچ نيچ، رنگ نسل ۽ ذات پات جي ويڇن کي ويجھو اچڻ ڪو نه ڏنو. توڙي جو وقت جا ڪلهوڙا حاڪم سندس ارادتمند هئا پر سندس ساٿ ۽ صحبت، ڪمي، ڪاسبي، هاري ناري، پورهيت ۽ پيڙيل طبقي سان رهندو هو. ورو يا ورند ۽ مدن واڻيو به کيس ڏاڍا عزيز هئا. هن “مدن” کي ڪڏهن به مسلمان ٿيڻ لاءِ زور نه ڀريو. “ونهيون فقير جت” جيڪو هڪ ننڍڙي ڪتي يا گُلر ‘موتي’ جي سار سنڀار تي شاهه سائينءَ مقرر ڪيو هو، سو به کيس پيارو هو. هڪ ڀيري چيائين ته: “جاتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي”. پنهنجائپ جي اڻمٽ احساس ڏيارڻ لاءِ اهو به اظهار ڪيائين ته: “جي ميرائي مڱڻا، آئون پڻ منجھان تن”.
شاهه ڀٽائي جي رسالي مطالع ڪرڻ سان اها پڪ ٿئي ٿي ته سندس ڪلام جا موضوع يا مضمون، قصا ۽ ڪهاڻيون، ڌرتي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن سان لاڳاپيل آهن. ساڻيهه اندر وسندڙ سانگين جي ٻوليءَ ۾ هو پنهنجي اندر جا اڌما اوتي ٿو. شاهه لطيف جي وقت فارسي سرڪاري ٻولي ۽ بادشاهي درٻار توڙي روزگار تائين رسائي جو ذريعو هئي. ان روش سبب گھڻا ڏاها ۽ سُگھڙ ماڻهو پاڻ کي هيٺئين درجي جو سمجھندي گوشه نشين ٿيڻ لڳا. ان مُونجھ واري ماحول ۾ ڀٽائيءَ ڇا پئي محسوس ڪيو، سو وڏي واڪ چئي ڏنائين:
پيم پٺاڻن سين، ٻوليون جي نه ٻُجھن،
آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پُڇن،
مون پڻ وٽان تن، سرتيون سُورَ پرائيا.
ساڳئي دور ۾ ڪابلي ۽ قنڌاري ڪاهن ۽ نادرشاهي راتاهن سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن کي لکين رپيا ڏَن ڀري ڏيڻ جو پابند ڪري ڇڏيو هو. خرچن جي پورائي لاءِ ۽ ڳرن محصولن جي مار ماروئڙن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو هو. بيوسيءَ جي اهڙي ڪيفيت ڏسي شاهه ڀٽائيءَ برملا اظهار ڪيو ته:
“ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي”
انهيءَ کان اڳ نور محمد جي پيءَ يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ جڏهن شاهه لطيف جي عمر اٺاويهه سال هئي ته ميرانپور جھوڪ ۾ هڪ جيءَ جھوريندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ بزرگ شاهه عنايت سوين ساٿين سميت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. ڪلهوڙن جي ڪلهي تي دهليءَ جي سلطانن جو هٿ هو، تنهن آڏو سنڌي سورهيه سرويچ ثابت قدم بيهي سِر صدقي ڪندا رهيا. ان دکدائڪ واقعي جي واکاڻ ڀٽائيءَ فقط اهو ئي چئي نه ڪئي ته، “ملڪ مڙيوئي منصور، ڪهڙا چاڙهي چاڙهئين” پر سندن همت ۽ حوصلي کي محبت سان مڃتا ڏيندي چيائين ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچَ
پسِي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سچَ
سندا ڳچين ڳچَ، ويچارن وڃائيا
سنڌ جي هڪ شهر ڀنڀور مان، سسُئي نالي هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪريءَ جو بلوچستان ڪيچ مڪران جي هڪ امير زادي پنهونءَ سان پرڻو ٿيو. هن جي ڀائرن کي سندس پراون ۾ پرڻجڻ پسند نه آيو. اهي وٽس مهمان ٿي آيا ۽ هڪ رات وجھ وٺي پنهونءَ کي نشو پياري کڻي، اُٺ پلاڻي هليا ويا. صبح جو سجاڳ ٿي سسُئي ڇا ڏسي ته نه ڪي هوت پنهل ۽ نه ئي مهمان موجود. اهڙي حالت ۾ هو سڀ لڳ لاڳاپا لاهي پنهنجي پنهونءَ جي ڳولها ۾ اڪيلي سِر نڪري پئي. جھڙي ريت سڄڻ جي سِڪ ۾ رُڃ، سُڃ ۾ اُڃ ۽ بُک تي پهاڙن جا اوکا پنڌ پيچرا لتاڙيندي هلندي رهي، شاهه ڀٽائي پڻ ساڳين رستن تي سفر ڪري اهي ماڳ ڏٺا. سسُئي جو همت حوصلو، اٽل ارادو، وفا جو وچن نڀائڻ ۽ اوجاڳيل اکين سان جاکوڙ جاري رکڻ وارو جذبو شاهه لطيف لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو. هن سورمي سسُئي جي پنهنجي مقصد سان سچائي واري سوچ کي واکاڻڻ لاءِ پورا پنج سُر سندس نالي ڪيا آهن. سسُئي سان پنهنجن جي بيوفائيءَ کي محسوس ڪندي ائين چئي ڏنائين ته:
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين
لڏي لاڏاڻو ڪري، هليا هوت وڃن
پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان
شهر توڙي پاڙي اوڙي وارين، سسُئي کي ڏکئي سفر تي هيڪلو وڃڻ کان جيڪو روڪيو پئي، تنهن ڪيفيت کي لطيف ڀٽائي هيئن بيان ڪيو:
متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون! ڪينَ ڏيوم
سرتيون! ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي
لطيف سائين سسُئي جي سفر وارا پنڌ پيچرا توڙي وندر جا وڻ ووڙي ڏٺا. ساڳي طرح ان سامونڊي ۽ دريائي زندگي وارن ماروئڙن جي ڪار وهنوار جو به ڳوڙهو مشاهدو ڪيو هو. سامونڊي سفرن ۾ ٻيڙيائتن کي سدائين خطرن سان کيڏندو ڏٺائين. ڪُنن جا ڪڙڪا، لهرن جون لپيٽون، واڳُن جا وار، حد نگاهه تائين چوطرف پاڻي ۽ ڏينهن رات جياپي جا جتن! اهڙي حالت ۾ ٻيڙا ڪنهن پٿريلي ٻيٽ سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پون ته پوءِ مسڪين ملاحن جو ڇا بچندو؟ غريباڻن غواربن جي سلامتي واري سفرن لاءِ شاهه ڀٽائي وٽ دلي دعائون هيون.
لُڙ لهريون، لَس ليٽ، جِت انت نه آب جو
الله اُت مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽَ
جوکو ٿئي مَ جھاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ
لڳي ڪا مَ لپيٽَ، غاريبي غوراب کي
لطيف ريگستاني راڄ ۽ ٿر ٿيليندي، بادشاهي بند ۾، هڪ ڪمزور قيدياڻي مارئي، جيڪا مسڪين ماروئڙن سان محبت ڪندي، هر قسم جو عيش آرام ٺڪرائي ٿي، ان جو قصو ڪنين سڻيو هئائين پر هن پنهنجي اکين سان اهي نماڻيون نياڻيون به ڏٺيون، جيڪي ڏڪار توڙي سڪار ۾ پنهنجي حياءَ ۽ حرمت جي حفاظت ڪن ٿيون. اهي آبُرمند نياڻيون ريشم پٽ جي قيمتي لباس جون خواهشمند ناهن ۽ نه ڪي طعامن جون طلبگار آهن. وڻن ۽ ولين جي اوٽ ويهي پنهنجو سَتُر سلامت رکيو اچن. ڀٽائي هن ريت کين ساراهي ٿو:
وَرِ سي وطن ڄائيون، صحرا سَتُر جِن،
گولاڙا ۽ گُگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گھمن ولين ۾، جھانگي منجھ جھنگن
مونکي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيجَ ۾
شاهه جي رسالي جا ٻه سُر رامڪلي ۽ کاهوڙي هڪ لحاظ کان سندس سفري يادگار آهن. هن قادر جي قدرت جا ڪرشما، ڪائنات جي وسعت، زميني زندگي جي لاهن چاڙهن توڙي انساني اخلاقيات ۽ ڪردار جو ڪيفيتون پروڙيون. هن کي سير سفر دوران انساني صفتن سان سينگاريل اهڙا ڪردار به مليا، جن کي ڏسي هن چيو ته سندس پرين کي اهي کانئس پهريان ئي پسيو ويٺا آهن. اهڙن جُنگ جوانن وٽ راتيون رهجن، ڇو ته سندن سياڻپ ۽ سوچ ڏکين ڏينهن ۾ ڏاڍي مددگار ثابت ٿيندي.
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي
رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
تنين جي ساڃاهه، ترهو ٿئي تار ۾
سامين ۽ سنياسين مان صدق ۽ صفائي وارن کي شاهه سائين گھڻو ساراهيو آهي ليڪن لالچ لوڀ، مڪر فريب ۾ مبتلا ماڻهن کي پسند نٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته:
گنديءَ ۽ گراهه، جن سنياسين سانڍيو
اُني کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو
سيد عبداللطيف ڀٽائي، ساري سڀ ڄمار هيڪڙائي واري راهه جو پانڌيئڙو رهيو. هر منزل تي مالڪ جي مخلوق جي عقيدي ۽ ڪردار تي ويچار ڪندو رهيو. جڏهن پاڻ معرفت جو صاحب بڻيو، تهان پوءِ کيس انسان ذات ۽ ڪائنات جي وحدت سمجھه ۾ آئي، يعني “نظارو نروار، پي پسايو پنهنجو”. هو ظاهرداري لوڪ لباس بدران، حق هيڪڙائيءَ واري عقيدي جو پوئلڳ ٿيڻ جي تلقين ڪندو رهيو، ڇو ته بظاهر گھڙا سڀ ڪنهن جا الڳ الڳ آهن پر پاڻي ساڳيو.
پڇيو ئي جان دوست، تان پاسي ڪر پرهيز کي
جنين ڏٺو هوت، تن دين سڀيئي دور ڪيا