ممبئي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي شهري هڪ رپي جي سڪن سان پوري گاڏي کي سجائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، راجسٿان رياست جي هڪ شهري پنهنجي ڪار کي هڪ رپي جي سڪن سان سجائي ڇڏيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي،انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو کي 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن، هڪ اڪائونٽ تان ان ڪار جي وڊيو وائرل ڪئي وئي جنهن تي لکيو ويو“ پئسي واري ڪار“، ڪار جي اصل مالڪ جي اڃان تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي، وڊيو ۾ ڪار مڪمل طور تي هڪ رپي جي سڪن ڍڪيل آهي، جيڪي سج جي روشني ۾ چمڪي رهيا آهن،سوشل ميڊيا واهپدارن هن منفرن آئيڊيا تي حيراني جو اظهار ڪيو آهي،۽ دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا آهن،ڪجهه ماڻهن ڪار جي مالڪ کي درخواست ڪئي آهي ته ڪار سندن ڳوٺ کڻي اچي،جڪهه ماڻهن وري حيراني مان چيو آهي ته آخرڪار ان ڪار کي سڪن سان سجائڻ جو ڪارڻ ڇا آهي،ڪجهه ماڻهن لکيو ته ڪار مان سڪا ٺاهيا ويا آهن يا سڪن مان ڪار.