اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪريٽري پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن کان 14 ارب 33 ڪروڙ 30 لک رپين جي اوڳاڙي ڪئي وئي آهي، بجلي چورن خلاف 23 هزار 152 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 10 هزار کان وڌيڪ بجلي چور گرفتار ٿي چڪا آهن. سيڪريٽري پاور ڊويزن موجب ليسڪو 3 ارب 85 ڪروڙ 20 لک، حيسڪو 2 ارب 69 ڪروڙ 40 لک رپيا، پيسڪو 2 ارب 42 ڪروڙ، سيپڪو هڪ ارب 63 ڪروڙ، ميپڪو هڪ ارب62 ڪروڙ رڪوري ڪئي. جڏهن ته پنجاب ۾ 8900، سنڌ ۽ڪي پي ۾ 725 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، ٻنهي صوبن ۾ بجلي چوري 75سيڪڙو آهي.