اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اوگرا پهرين جولاءِ 2022ع کان گيس 74 سيڪڙو تائين مهانگي ڪري جي منطوري ڏئي ڇڏي، اوگرا سوئي نادرن لاءِ گيس 74.42 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ گيس 67.75 سيڪڙو مهانگائي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اوگرا گيس جي قيمت وڌائڻ لاءِ سوئي گيس ڪمپنين جي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اوگرا مطابق سوئي نادرن لاءِ گيس تي 406 رپيا 28 پيسا في ايم ايم بي ٽي اضافي جي منظُوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ گيس تي 469 رپيا 28 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي منظوري ڏني.  اوگر ا جو چوڻ آهي ته سوئي نادرن لاءِ گيس جي قيمت 545 رپيا 89 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، سوئي نادرن لاءِ گيس جي نئين قيمت 952 رپيا 17 پيسا في ايم ايم بي يو ٽي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، اوگرا مطابق سوئي سدرن لاءِ گيس  جي موجوده قيمت 692 رپيا 63 پيسا آهي، سوئي سدرن لاءِ نئين قيمت 1161 رپيا 91 پيسا في ايم ايم بي يو ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اوگرا  جي ان فيصلي تي وفاقي حڪومت جي منظوري بعد جولاءِ 2022ع کان عملدرآمد ٿيندو،