ڪراچي (م ڊ) بجلي چورن کان 95 ڪروڙ وصول ڪيا ويا، سيڪريٽري پاور راشد لنگڙيال دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروايون جاري آهن ، وصوليون هڪ ارب کان وڌي وينديون، 490 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا آهن، 4241 کان وڌيڪ  ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، مختلف شهرن ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. فيصل آباد ۾ 136 ڪنڊا ڪاٽيا ويا، 628 بجلي چورن خلاف ايڪشن، 301 ڪيس داخل ڪري هڪ ڪروڙ 93 رپيا ڏنڊ لڳايو ويو.حافظ آباد مان 200، گوجرانوالا ۾ 177،سيالڪوٽ مان 40، نارروال 25، منڊي بهاوالدين مان 25 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ لڳايو ويو، سيپڪو جو سکر، لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن، واپڊا جي 7 ملازمن سوڌو ڪيترائي جوابدار گرفتار ڪيا ويا، ڪوئيٽا ۾ به بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، 101 ڪيس داخل، 55 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا