اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت بجلي چورن خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو ويو، ان سلسلي پوليس ۽ رينجرز کان به بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق پاور ڊويزن قانون وزارت سان گڏجي آرڊيننس جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، بجلي چورن کي 6 مهينن کان 3 سالن تائين سزا ۽ 50 هزار کان 5 لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي، صدارتي آرڊيننس تحت بجلي چوري جي ڪيسن جي جلد فيصلي جي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ٿينديون، اهي عدالتون 90 کان 120 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جون پابند هونديون، بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ موجوده قانونن تي به سختي سان عملدرآمد ٿيندو، بجلي جي بچت جي لاءِ مارڪيٽ رات جو 8 وڳي بند ٿيڻ جي تجويز تي صوبن سان مشاورت ڪئي ويندي، ائين ڪرڻ سان حڪومت 1500 ميگاواٽ بجلي روزانو بچائي سگهندي، بجلي بچت جي لاءِ عوامي آگاهي مهم به هلائي ويندي. هوڏانهن توانائي واري وزارت بجلي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ سموري مُلڪ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار سج لٿي کانپوءِ بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، توانائي واري وزارت طرفان پيس ڪيل تجويز تي پهرين آڪٽوبر کان پندرنهن فيبروري تائين عملدرآمد جو امڪان آهي ۽ تجويز تي عمل ڪرائڻ لاءِ چيمبرز آف فيڊريشن ۽ واپاري تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان تجويز تي چئني صوبائي حڪومتن کي عمل ڪرڻ جو چيو ويندو جڏهن ته بجلي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ قانوسازي جو مسودو تيار ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، اهڙي قدم سان روزانو 1500 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿيندي.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي پيداواري اگھه ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پاڻي تي بجلي پيدا وار جو اگھه ٽي رپيا 85 پيسن مان وڌائي 4 رپيا 94 پيسا في يونٽ ڪيو ويو آهي. نيپرا واپڊا جي درخواست تي 2023-22 لاءِ ٽيرف وڌائڻ جي منظوري ڏيندي فيصلو حڪومت کي اماڻي ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ نيپرا واپڊا جي پن بجلي اسٽيشنز جي ڪيپسٽي ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ نيپرا پاران سي پي پي اي ٽيسٽ ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نيپرا موجب پن بجلي اسٽيشن جي ڪيپيسٽي ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيپرا موجب واپڊا پاڻي جي ماپ لاءِ واٽر فلو ميٽر لڳائيندو.