ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ  جيان ميرپورخاص ۾ حضرت امام حسين ۽ ڪربلا جي شھيدن جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ٿيا جڏهن ته ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي پوليس سان گڏ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا ۽ جلوس جي رستن کي عام ٽريفڪ لاءِ خاردار تارن سان بند ڪيو ويو پھريون ماتمي جلوس حيدري امام بارگاه سيٽلائيٽ ٽائون مان اعجاز رضوي ،ظھير الحسين نجمي جي قيادت ۾ علم و ذوالجناح سان گڏ بر آمد  ٿيو جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران سينا ڪوبي ۽ زنجير زني ذريعي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي جنھن بعد ماتمي جلوس پنھنجي روايتي رستن تان ٿيندو واپس حيدري امام بارگاه تي نھر ٿيو ان کان سواءِ چاليھي جي سلسلي ۾ پڙ عارب شاه بخاري تان شاه بخش لنڊ ، آصف لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس علم و ذوالجناح سان گڏ برآمد ٿيو، ان کان سواءِ عزا خانا زھرہ  چاڪي پاڙا مان علم و  ذوالجناح سان گڏ ماتمي جلوس بر آمد ٿيو جيڪو پنھنجي مقرر رستن تان ٿيندو عزا خانا نور حسن شاه غريب آباد پھتو جتي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنھن کي علامه سيد محمد شجاع خطاب ڪيو جنھن بعد ماتمي جلوس عزا خانا مولوي نوازش علي نقوي پھتو جڏهن ته تقي شاهه  پڙ، اڌ مڪاني ، جمن شاه ، خاصخيلي پاڙو ۽ مختلف امام بارگاهن ۽ عزا خانن مان نڪتل ماتمي جلوس اسٽيشن چوڪ پھتا جتان مرڪزي ماتمي جلوس شاه بخش لنڊ، سيد حمزه نقوي ، صغير حسين نقوي ۽ تحسين ڪاظمي جي اڳواڻي ۾ پوسٽ آفيس چوڪ پھتو جتي زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو جنھن  بعد مرڪزي ماتمي جلوس مارڪيٽ چوڪ پھتو جتي مختصر مجلس عزا منقعد ڪئي وئي جنھن کي سيد محمد شجاع نقوي خطاب ڪيو  جنھن بعد مرڪزي ماتمي جلوس پنھنجي روايتي رستن تان ٿيندو مرڪزي امام بارگاھ درگاه مکڻ شاه تي نھر ٿيو جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي پوليس ء رينجرزس جا جوان مقرر ڪرڻ سميت جلوسن جي رستن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪيون ويون جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا پاران صفائي سٿرائي جا انتظام ڪيا ويا جڏهن ته پيام ولايت اسڪائوٽس ۽ حسيني سبيل پاران سبيلن جو اھتمام ڪيو ويو.