راڻيپور(ن پ ا) حيدرآباد کان اديب ۽ دانشورن کي راڻيپور پھچڻ تي وائس آف راڻيپور ۽ سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر قادر سولنگي، سڪندر سرڪي، شوڪت گهانگهرو، مدد ملاح، علي امداد لاڙڪ پاران آجيان ڪري اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، احتجاج جي اڳواڻي جامي چانڊيو، تاج جويو، ڊاڪٽر عرفانا ملاح، امر سنڌو، رومانسا چانڊيو ڪري رھيا ھيا، ان موقعي تي جامي چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموري سنڌ ڪينالن خلاف گھرن مان ٻاهر نڪري آئي آهي، ھاڻي صرف ڪينالن جو مسئلو نه آهي سنڌ جي ڪارپوريٽنگ ذريعي سنڌ جي 13 لک زمين تي نظر آ ھي، اھو ڪنهن به صورت ۾ سنڌي قوم کي قبول ناھي، جيڪي طاقت جي مستي ۾ فيصلا ڪري ر ھيا آ ھن سنڌ جي عوام ھنن کي اڄ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌو درياهه مٿان ڪينال اسان کي قبول نه آھن، پوري سنڌ اٿلي پئي آهي جنهن ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تاج جويو چيو ته اڄ اسان حيدرآباد کان ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ وڃي رھيا آھيون، حيدرآباد کان راڻيپور تائين اھو شھر وستي واھڻ ڳوٺ سميت سنڌ جا سمورا قومي شاهراهه مڪمل طور بند رھيا، سنڌ جا باشعور وڪيل شاگرد، آبادگار ۽ دڪاندار روڊن تي نظر آيا، پنجاب سنڌ جي اڇڙي ٿر مان ڪوئلو، گيس ۽ بجلي چورائي رهيو آهي، ھاڻي پنجاب توڙي وفاق کي 70 سالن جي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، ان مواقعي تي عرفانه ملاح، رومانسا چانڊيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌو مان ڪينالن واري تحريڪ تيز ٿي وئي آهي.