ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وزيرعظم شهباز شريف ڪئنالن جي خاتمي جو اعلان ڪري، پنجاب جي وزيرن جي ڪئنال مامري تي پ پ خلاف بيان بازي روڪرائي، هن وقت سڄو  نظام  چوڪ ( مفلوج)  آهي، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ متاثر پئي ٿئي، وزيراعظم وٽ مصرفيتون هونديون پر هو ڪئنال مامري کي ترت حل ڪري، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته نگران دورِ ۾ 25 جنوري 2024ع تي ٿيل ارسا جي اجلاس ۾ پنجاب کي واٽر اوِيليبلٽي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي چيو ويو ته ڪئنالن جو ڪم اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. انهي تي سنڌ جي ميمبر احسان لغاري اعتراض ڪندي نوٽ پڻ لکيو هو ته پاڻي موجود ناهي،هن چيو ته آئيني طور تي سي سي آءِ جو اجلاس هر 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير ڪيترائي خط لکي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي پر اڃا تائين ڪو اجلاس ناهي ٿيو.ھن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جو واضح موقف آهي ته سنڌو تي ڪئنالن جي تعمير نه ڪئي وڃي. هوڏانهن وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله  سنڌ جي سينيئر  وزير شرجيل ميمڻ سان لاڳيتو ٽئين ڏينهن فون تي رابطوڪري ڪئنال رٿا معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ، راڻا ثناءُ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي پاڻي معاملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، وزيراعظم ڳالهين جو طريقيڪار طئه ڪندو،