ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) سڄاڻ ڌرين جي شهيد فاضل جي مزار تي حاضري، گُل نڇاور، شھيد فاضل راهو انسان دوست هيرو قرارخبر موجب سنڌ جي پورهيت اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي گذريل ڏينهن 38 هين ورسي کان پوءِ ٻئي ڏينهن به راهوڪي ۾ شھيد فاضل جي مزار تي سنڌ دوست ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھيد جي مزار تي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ گل نڇاور ڪرڻ جي آمد جاري رکي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عبدالستار رند، محمد علي ٽالپر ، ڪامريڊ ھميرو مل، خليل درس، سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪز جي اڳواڻ دلدار نوحاڻي، جميل ملاح گلزار نوحاڻي ۽ ٻين اڳواڻن فاضل راهو جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي انقلابي نعرن سان گڏ قومي انقلابي گيتن سان ڀيٽا ڏني، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھيد فاضل راهو پنهنجي سموري زندگي سنڌ ۽ دنيا جي مظلومن طبقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ھو، ھڪ سچو، کرو ۽ بھادر انسان ھو، ھنن وڌيڪ چيو ته شھيد فاضل راهو جي شھادت کي 38 سال ٿي چڪا آهن، هو اڄ به پنهنجي هڪ بهترين عوامي جدوجهدن جي ڪري ماڻھن جي دلين ۾ زنده آھي، عوامي تحريڪ ۽ ان جا ساٿي اڄ به سندس ڏسيل واٽ ۽ سندس دڳ کي اڳتي وٺي جدوجهد جو ميدان ملھائي رھيا آھن.