بدين(رپورٽر) سورمي سٿ بدين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عورتن پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ مڪمل برباد ٿي ويندي وفاق اسان کان سڀ ڪجهه کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان خلاف وقتائتي جدوجهد جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار عورتن جي تنظيم ايڪٽو وومين فائونڊيشن جي چيئرپرسن پي ٽي آئي اڳواڻ نازش فاطمه ۽ سورمي سٿ جي اڳواڻ سورمي عابده سمون ايوان صحافت بدين پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته بدين ۾ عورتن طرفان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 23 مارچ تي شاهنواز چوڪ کان ايوان صحافت تائين عورتن جي ھڪ وڏي ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ سان محبت رکندڙ عورتون وڌ کان وڌ شرڪت ڪري اھو ثابت ڪنديون ته سنڌ جون سورميون به سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ميدان تي پھرين صف ۾ بيٺل ھونديون ان موقعي تي عورتن جي تنظيم سورمي سٿ جي چيئرپرسن ماروي عابده سمون، پارس شاھه، سلمان تبسم ۽ ٻيون ساڻس گڏ هيون.