حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سڄاڳ ٻار تحريڪ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ 6نون ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پاڻي جي عالمي ڏاڙي  21مارچ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آھي ان سلسلي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، حميد خشڪ،فاضل بلاول لاشاري، سنيل گواريو ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ جون زمينون غير مقامي ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته سنڌو درياهه جو پاڻي گذريل سوا صدين کان مسلسل ڦر ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته تازو زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سامراجي ڪمپنينن حوالي ڪئي وئي آھي جڏهن ته ان کان اڳ  1960 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان سان گڏجي ڀارت سان پاڻي مهاهدو ڪيو ۽ سنڌ جي ڀائيواري وارا ستلج، ابياس سميت ٽي درياھ ڀارت کي وڪرو ڪري ڇڏيا. ان بعد تربيلا ڊيم جي تعمير ۽ “تونسا پنجند ڪينال” ذريعي پاڻي جي چوري سنڌ جي عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته تازو صدر  آصف علي زرداري جي دور حڪومت ۾ “ارسا ايڪٽ” ۾ ترميمي آرڊيننس ذريعي سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي آھي جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو رد ڪري ٿو اسان 21 مارچ 2025 تي عالمي پاڻي ڏهاڻي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. هنن چيو ته سڄاڳ ٻار تحريڪ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف  ڪراچي، ٺٽو، بدين، ميرپور خاص، دادو، حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ منعقد ڪيا ويندا. هنن چيو ته زرعي انقلاب ۽ سياحت جي نالي تي انهن علائقن جون زمينون سامراجي ڪمپنين جي حوالي ڪيون پيون وڃن، جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿي ويندي ۽ احساس محرومي وڌي ويندي هنن عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي زمينن ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.