ڄامشورو (رپورٽ: مير مرتضيٰ نوحاڻي) تعلقي مانجهند جي لاکڙا ڪول مائينز مان روز جي بنياد تي 80 کان وڌيڪ خانگي ڪمپنيون ڪاري سون ڪوئلي جي کوٽائي ڪري رهيو آهن روز جي بنياد تي هزارين ٽن ڪوئلي ڪڍي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سپلائي ڪيو پيو وڃي، ڪول مائينز مان نڪرندڙ ڪوئلي تي رائلٽي جي مد ۾ هر گاڏي کان 12 هزار رپيا ٽيڪس ايف بي آر پاران ورتو پيو وڃي پر ٽيڪس جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڏيندڙ لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سميت مقامي ماڻهو حقن کان محروم بڻيل آهن، خانگي ڪمپنيون ۾ مجموعي طور تي 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهون مزدوري کان ويندي مختلف عهدن تي روزگار ڪري رهيا آهن اڪثريت ۾ ڪاروبارين مزدورن ۽ آفيسرن جو تعلق سنڌ کان ٻاهرين صوبن سان آهي ،جڏهن ته 5 هزار مزدورن جي لڳ ڀڳ سنڌ صوبي سميت مقامي ماڻهو مزدوري کاڻن ۾ ڪوئلي جي کوٽائي سميت ٻيون ننڍيون وڏيو روزگار ڪن ٿا، جڏهن ته امشورو سيوهڻ انڊس هاءِ وي حبيب الله موڙ کان لاکڙا ڪول مائينز تائين 18 ڪلوميٽر جو روڊ مڪمل طور تي تباھ بڻيل آهي، ڪوئلي جي کوٽائي ۽ خانگي ڪمپنين جي قيام بعد وڏي آبادي ۾ تبديل ٿيل لاکڙا ڪول مائينز ۾ سوشل ويلفيئر بورڊ پاران 10 بيڊن تي قائم ڪيل اسپتال سهولت کان وانجھيل آهي،لاکڙا ڪول مائينز ۾ احتياطي تدبيرون تي عمل نه ڪرائڻ سبب اڪثر ڪوئلي جي کاڻون ۾ ڀڪون ڪرڻ ۽ زهريلي گيس خارج ٿيڻ ڪري مزدورن جو مرڻ معاملو بڻجي ويو آهي. جڏهن ته مائينز ۾ سوشل ويلفيئر بورڊ پاران قائم ڪيل اسڪول جي عمارت زبون آهي ۽ اٺين درجي کان وڌيڪ تعليم نه ملڻ سبب مستقل جا معمار تعليم جهڙي قيمتي زيور کان محروم آهن لاکڙا ڪول مائينز جي مجموعي آبادي پاڻي جي کوٽ سبب شديد پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.