لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) ريسلنگ جي هڪ برطانوي يوٽيوبر ۽ پيشه ور مداح هڪ منٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ريسلرز جي انٽرنس ٿيم جي سڃاڻپ ڪري گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. نيو ڪاسل سان تعلق رکندڙ Russ Tweedle (جيڪو يوٽيوب تي ريسلنگ شوز ڏسندو آهي) ان گينيس ورلڊ رڪارڊز کي ٻڌايو ته هڪ منٽ اندر 20 ريسلرز جي انٽري ٿيم (انهن جي داخل ٿيڻ تي وڄندڙ موسيقي) کي سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان کي آزمائڻ هن لاءِ هڪ خواب ساڀيان هو. روس چيو ته هن جو ڪم سڄو سال ريسلنگ جي دنيا کي ڏسڻ  ۽ ان کي ڪور ڪرڻ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جڏهن اها ريسلنگ دنيا جي ڪهڙي به حصي ٿيندي هجي هن وٽ دنيا جو سڀ کان مصروف انسان ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي هوندو. هن چيو ته اهو رڪارڊ سندس لاءِ فخر جوڳو آهي