اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم اسٽيٽ بينڪ ذريعي سڀ کان وڌيڪ پرڏيھه مان پاڪستان پيسا موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. ڪالھه وزير عظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل سمنڊ پار پاڪستانين بابت اعلي سطحي اجلاس ۾ وزير اعظم اهڙو اعلان ڪيو آھي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم شهباز شريف چيو ته سمنڊپار پاڪستاني پرڏيھه ۾ پاڪستان جي سفير جو ڪردار ادا ڪن ٿا، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي خدمتن جي اعتراف ۾ تازو ئي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ اسٽيٽ بينڪ ذريعي سڀ کان وڌيڪ پيسا پاڪستان موڪلندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي سول ايوارڊ ڏنو ويندو. حڪومت سمنڊ پارپاڪستانين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آھي. سمنڊ پارپاڪستانين کي انهن جي مهارت تحت سيڙپڪاري ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا  اجلاس ۾ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.