لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس چيو آهي ته سڀني کي خبر آهي ته اسان جي ڪرڪيٽ هن وقت زوال جو شڪار آهي. وقار يونس کي چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ لائنز جو مينٽر مقرر ڪيو ويو آهي. وقار يونس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان جي ڪرڪيٽ جي حالت سڀني جي سامهون آهي. سينيئر سطح جي ڪرڪيٽ ۾ اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون. چيمپئنز ون ڊي ڪپ ۾ بهتري جي اميد آهي. هن چيو ته هي پهريون ٽورنامينٽ ٿي رهيو آهي جتي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ايترو ڌيان ڏنو پيو وڃي. مون اڃا تائين ڪنهن کي ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي. ماضي ۾، اسان وٽ تيز بالرن جو تمام سٺو بيڪ اپ هو. اسان وٽ صلاحيتون آهن پر انهن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. مون تي اعتماد ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ٿورائتو آهيان. نئون ڪردار مون لاءِ هڪ چئلينج آهي جنهن لاءِ مان مڪمل طور تي تيار آهيان. هي ٽورنامينٽ مستقبل جي ستارن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ڪندو. انتهائي باصلاحيت رانديگرن سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان. چيمپيئنز ون ڊي ڪپ 12 کان 29 سيپٽمبر تائين اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏيو ويندو.