حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ليبر فيسليٽيشن نيٽ ورڪ جي گڏيل سهڪار سان جبري پورهئي جي خاتمي ۽ ضلعي نگران ڪاميٽين جي غير فعال هجڻ بابت حيدرآباد ۾ سيمينار ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ جوڙيل قانون سنڌ بانڊيڊ ليبر ايباليشن ايڪٽ 2015ع تي عمل نه ٿيڻ ۽ ضلعي نگران ڪميٽيون غير فعال هجڻ سبب جبري پورهئي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سيمينار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر اياز تنيو، ليبر فيسليٽيشن نيٽ ورڪ جي اڳواڻ ڪاشف بجير، ماروي اعواڻ، آل بٺا مزدور يونين جي صدر پنهون ڀيل، ميران، ڪستوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ بانڊيڊ ليبر سسٽم ايباليشن ايڪٽ 2015ع تحت سنڌ ۾ قائم ضلعي نگران ڪميٽيون غير فعال آهن، انهن ڪميٽين کي جبري پورهئي جي خاتمي جي قانون تي عمل ڪرائڻو هو پر اهي ڪميٽيون پنهنجو ڪم ڪري نه سگهيون آهن جنهن جي ڪري جبري پورهئي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته بٺي مزدورن وٽ سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ نه آهن جڏهن ته قانون مطابق ملڪ جي سڀني مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ جاري ٿيڻ گهرجن. مقررن چيو ته ليبر فيسليٽيشن ڊيسڪ بٺي مزدورن کي سندن سوشل سيڪيورٽي جا حق ڏيارڻ لاءِ هر سطح تي مدد ڪري ته جيئن اهي عزت ڀري زندگي گذاري سگهن. هنن چيو ته بٺي مزدور ابن ڏاڏن کان ڪم ڪري رهيا آهن پر کين صحت، تعليم ۽ سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ جهڙيون سهولتون به حاصل نه آهن. ڊپٽي ڊائريڪٽر ليبر ڪمال خواجه چيو ته سماجي تحفظ جون اسڪيمون سماج جي پٺتي پيل طبقي لاءِ ڪم ڪن ٿيون جنهن سان اهي اتفاقي حادثن کي منهن ڏئي سگهن ٿا. سيمينار ۾ 100 کان وڌيڪ مزدورن، بٺي مالڪن، سماجي اڳواڻن، ليبر کاتي جي عملدارن به شرڪت ڪئي.