لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر محمد سانول گھوٽو، پروفيسر غفران الله بلوچ، پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙو، پروفيسر الطاف حسين کھڙو، پروفيسر شمس الدين ساريو، پروفيسر اظھار مھر، پروفيسر زينب فاطمه، پروفيسر ملھار سنڌي ۽ ٻين پنھنجي گڏيل پريس بيان ذريعي مينيجمينٽ ڪيڊر کي رد ڪندي چيو آھي ته تعليمي ادارن جي انتظامن کي پروفيسر ئي بھتر انداز ۾ ھلائي سگھن ٿا جيڪو سلسلو ھڪ وڏي عرصي کان وٺي احسن انداز ۾ جاري آھي اڳواڻن چيو آھي ته نگران سرڪار مينيجمينٽ ڪيڊر کي متعارف ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي ھئي جنھن جو وٽن ڪوئي مينڊيٽ نه ھو. ھنن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر ڪنھن به صوبي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لاءِ مينيجمينٽ ڪيڊر ناھي اسين اھو سمجھون ٿا ته سنڌ صوبي اندر اھڙي قسم جي پريڪٽس تعليم دشمني جي زمري ۾ اچي ٿي اسين اھڙي تعليم دشمن ۽ استاد دشمن پاليسيءَ کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو آھي ته مينيجمينٽ ڪيڊر کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو اھڙي تعليمي دشمن پاليسي جي خاتمي تائين ڀرپور احتجاج جاري رھندو.