اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس محمد علي مظهر سپر ٽيڪس ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو پيسو جنهن مقصد لاءِ گڏ ڪيو ويو آهي، اهو صرف انهيءَ مقصد لاءِ ئي خرچ ٿيڻ گهرجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جڏهن واضح آهي ته پوءِ هي پيسا سڄي ملڪ ۾ ڇو خرچ ٿيندا؟ ائين ته اين ايف سي ايوارڊ جو ستياناس ٿي ويندو. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف بي آر جي وڪيل رضا رباني پنهنجا دليل جاري رکيا. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته 80 ارب مان 42.5 سيڪڙو حصو وفاق وٽ ويندو ته باقي پيسا ڪيڏانهن ويندا؟ رضا رباني ٻڌايو ته وفاق کي هي حصو اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندو ۽ وفاقي حڪومت ذريعي رقم خرچ ٿيندي. هي فنڊز دهشتگردي کان متاثر خيبرپختونخوا ۽ فاٽا جي متاثرن لاءِ آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جڏهن بجيٽ تقرير ۾ واضح آهي ته پوءِ هي پيسا سڄي ملڪ ۾ ڇو خرچ ٿيندا؟ صوبن جو معاملو انتهائي اهم آهي، اين ايف سي به ان لاءِ قائم ٿيو. جيڪڏهن مان اوهان جي نالي تي پئسا وٺي خرچ نه ڪريان ته؟ اوهان ته 18هين آئيني ترميم جا آرڪيٽيڪٽ آهيو، ائين ته اوهان اين ايف سي ايوارڊ جو ستياناس ڪري ڇڏيندا. هي رقم سڄي ملڪ مان گڏ ڪئي وئي آهي، اِن تي سڀني صوبن جو حق آهي. آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.