اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئيني بينچ سپر ٽيڪس ڪيس ۾ اسلام آباد ۽ لاهور ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ اپيلون سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيلن لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس هجڻ جي نشاندهي ڪئي. نجي ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ وٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيس پاڻ وٽ منتقل ڪرڻ جو آئيني اختيار موجود آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا ڪيس منتقلي جي لاءِ ڪنهن لکت ۾ درخواست جي ضرورت هوندي؟ وڪيل چيو ته عدالت کي استدعا به زباني درخواست شمار ٿي سگهي ٿي. البته عدالت سوموٽو اختيار استعال ڪندي به ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿي. وڪيل مخدوم علي خان وڌيڪ چيو ته حڪومت سڌي ريت سپر ٽيڪس سپر ٽيڪس نظام لاڳو نٿي ڪري سگهي. ڪو به ٽيڪس لڳائڻو هجي ته ان جو ڪارڻ ٻڌائڻ لازمي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.