اينٽيگا (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي ميچ ۾ ڀارت، بنگلاديش کي 50 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. سر ووين رچرڊز گرائونڊ اينٽيگا ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنز اسڪور ڪيو. ڀارت پاران هارديڪ 50 ،ويراٽ ڪوهلي 37، رشب پنت 36، شيوم ڊوبي 34، روهت شرما 23 رنز اسڪور ڪيو. بنگلاديش جي بالرن ۾ تنظيم حسن، ثاقب ۽ ارشاد حسين 2_2، شڪيب الحسن هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنز اسڪور ڪري سگهي.  نجم الحسن 40 رنز سان نمايان رهيو.