ممبئي(شوبز نيوز) ماضيءَ ۾ هڪ فلم “ڦر ملينگي” بالي ووڊ جي سمورن اداڪارن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر سپر اسٽار سلمان خان اها فلم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ۽ هن معاوضي طور رڳو هڪ رپيو وصول ڪيو هو.  اها فلم 2004ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ اداڪار اڀيشيڪ بچن، اداڪارا شلپا شيٽي ۽ سلمان خان هئا، فلم جي پروڊيوسر شيلندر سنگهه ويجهڙ ۾ سلمان خان طرفان فلم ۾ ورتل معاوضي بابت انڪشاف ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سلمان خان ان فلم جو معاوضو صرف هڪ رپيو ورتو هو ۽ هن ايچ آءِ وي جو شڪار شخص جو ڪردار نڀايو هو جيڪو ان فلم ۾ مري ويندو آهي، اهو ڪردار بالي ووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارن ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. شيلندر سنگهه ٻڌايو ته اصل ۾ سلمان پاڻ ئي رضاڪاراڻي طور تي پاڻ کي ان فلم لاءِ پيش ڪيو. هن اهو انڪشاف به ڪيو ته سلمان خان ان فلم جي ڪردار بابت اداڪارا شلپا شيٽي کان ٻڌو هو.