اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 34 ورهين بعد ڊي جي خان ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين کان ڀاڻيجي کي وارثت ۾ سندس حق ڏياري ڇڏيو.چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ وراثت جي حق بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڀاڻيجيءَ پنهنجي زمين 1989ع ۾ مامي سردار منصور کي وڪرو ڪئي، وڪرو جي 20 سالن کانپوءِ زمين جي ملڪيت جي دعويٰ ڪئي ۽ پنهنجي صحيح کان انڪاري ٿي وئي. جسٽس امين الدين خان چيو ته زمين جي خريداري ثابت ڪرڻ خريدار جو ڪم هو، ٽن عدالتن درخواستگذار خلاف فيصلو ڏنو، جنهن تي وڪيل ياسين ڀٽي عدالت کي ٻڌايو ته زمين جي مبينا وڪرو وقت سارا اختر نابالغ هئي، سارا جو مامو ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين آهي، سردار منصور زمين پنهنجي معصوم ٻارن، زال، سس ۽ سالي جي نالي منتقل ڪرائي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته عورتن جي حقن کي غير آئيني، غير شرعي طريقي سان ختم ڪيو پيو وڃي، شرافت سان زمين ڀاڻيجيءَ جي حوالي ڪريو. عدالت جي حڪم تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالت چوي ٿي عورتون ڇا به چون اهو درست مڃيو ويندو؟ لازمي ناهي ته سدائين مرد ئي عورت جو حق ماري، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عورتن کي ڪا خاص رعايت ناهيون ڏئي رهيا، اِها ئي آبزرويشن ڏني آهي جيڪو بدقسمتي سان معاشري ۾ ٿي رهيو آهي، اڃا تائين اهڙو ڪو ڪيس آيو ناهي جنهن ۾ عورت مرد جو حق ماريو هجي. سپريم ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊي جي خان جي مال کاتي کي سارا اختر کي 5 چورس زمين جو فوري قبضو ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي مامي سردار منصور کي قانوني ويڙهه دوران سمورا خرچ ڀاڻيجي کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.