اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن متعلق ڪيس ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراھيءَ ۾ ڇھه رڪني بينچ 25 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس محمد علي مظھر، جسٽس حسن اظھر رضوي، جسس شاھد وحيد، جسٽس مسرت ھلالي ۽ جسس عرفان سعادت بينچ جو حصو آھن. ان کان اڳ انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻه ڀيرا ٻڌڻي رٽائرڊ ٿيندڙ جج جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراھيءَ ۾ ڇھه رڪني بينچ 13 ڊسمبر 2023 ۽ 29 جنوري 2024 تي ڪئي ھئي.