اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جي حوالي سان پاليسي جوڙي ورتي. پالسي دستاويزن مطابق ضمانت ۽ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ڪيسن کي جلد ٻڌو ويندو. ڪيسن جي منتقلي، ڪمپرومائيز ۽ فيملي ڪيسن کي به ٻڌڻي لاءِ جلد مقرر ڪيو ويندو. اهڙن ڪيسن ۾ جلد ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏيڻ جي به ضرورت نه هوندي. جلد ٻڌڻي جي درخواست وڪيل پاران تيار ۽ اي او آر پاران داخل ٿيندي. ڪنهن ڪيس ۾ جلد ٻڌڻي جي درخواست ۾ ڪارڻ هجڻ لازمي هوندو. درخواست سان گڏ ڪيس ۾ فوري ٻڌڻي جي ڪارڻ جو ثبوت شامل ڪرڻ لازمي هوندو. جلد ٻڌڻي جي درخواست رد ٿيڻ تي نئين سبب جي بنياد تي ٻيهر داخل ٿي سگهي ٿي.