ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي جي گلشن معمار مان 4 نينگرين جي گمشدگي بابت درخواست تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي اوڀر ، ايس ايس پي اوڀر ، ايس ايچ او سائيٽ سپر هاءِ وي ۽ جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو ، ڪالهه ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ سميت پوليس آفيسر پيش ٿيا، عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته نينگرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا ويا آهن؟ ان موقعي تي درخواستگذار عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته سندس ٽن ڌيئرن ۽ پوٽيءَ کي 2017ع ۾ اغوا ڪيو ويو هو، سندس پٽ ۽ ناٺي خلاف پڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي پوليس جي اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هڪ ڇوڪري ڪارو پٿر کائي مري وئي، ٻي ڇوڪري واپس موٽي پسند جي شادي ڪئي، آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته ٽئين ڇوڪري ذڪيه کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اسان کي ٻن مهينن جي مهلت ڏني وڃي، جسٽس عرفان سعادت چيو ته هڪ شخص جون 4 نياڻيون ڪيترن سالن کان گم آهن، هڪ حساس ڪيس آهي، توهان کي ٻن مهينن جو وقت ڇو ڏنو وڃي؟ عدالت اهو ڪيس چيف جسٽس آف پاڪستان ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪندي آءِ جي سنڌ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، عدالت پوليس کي جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏنو، عدالت وڌيڪ چيو ته ڪيس جي جاچ سٺن آفيسرن کان ڪرائڻ گهرجي.