سپريم ڪورٽ: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرز کان جواب طلب

0
146
چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس
چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جا اختلافي نوٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرز کان جواب طلب ڪري ورتو

چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن صدر پاڪستان جي ڏنل تاريخ کي تبديل ڪري سگهي ٿي، ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جو ڪو به فيصلو نه آهي

 جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو پهرين موقف هو ته اها پولنگ جي تاريخ مقرر نه ٿي ڪري سگهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن پولنگ جي نئين تاريخ به ڏني آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن جي موقف ۾ تضاد نه آهي؟

جسٽس منيب اختر چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنج ئي ججز جون صحيحون ٿيل آهن، ائين نه آهي ته سپريم ڪورٽ جا ٻه فيصلا هجن

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 254 جو سهارو ورتو آهي، ڇا اهڙي معاملي ۾ ان آرٽيڪل جو سهارو وٺي سگهجي ٿو؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته آرٽيڪل 254 جو سهارو ڪم ڪرڻ کانپوءِ وٺي سگهجي ٿو

چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 254 آئين جي ڀڃڪڙيءَ جي اجازت نه ٿو ڏئي، اهو آرٽيڪل آئين ۾ بيان ڪيل چونڊن جو مدو تبديل نه ٿو ڪري سگهي

 عدالت ٻڌڻي سڀاڻي صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي هلائيندڙ لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل آهن

هن کي به پڙهندا

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي لارجر بينچ قائم: ٻڌڻي ڪجهه دير ۾