سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل: نواز شريف کي اپيل جو ملي ويو

0
121
نواز شريف کي اپيل جو ملي ويو
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل: نواز شريف کي اپيل جو ملي ويو

قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل ۾ محسن داوڙ جي ترميم شامل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق ملي ويو

30 ڏينهن ۾ ٽائيم اپيل جي حق سان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان گڏ يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين سميت پاڻمرادي نوٽيس ڪيسز جي فيصلن ذريعي متاثر ٿيلن کي به فائدو ٿيندو

ياد رهي ته محسن داوڙ پاران تجويز ڪيل ترميم کي اڄ قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي

محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسله ٽاور به پاڻمرادي نوٽيس سبب ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ماضي ۾ 184/3 (پاڻمرادو نوٽيس) جي متاثرن کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق ڏنو وڃي

ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هي هڪ ڀيرو ٻيهر قانون سازي آهي، ان سان ڪو به پنڊورا باڪس سامهون نه ايندو

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز ترميمي بل ڇا آهي؟

بل جي تحت سپريم ڪورٽ ۾ داخل هر معاملي ۽ اپيل کي ڪميٽي جي قائم ڪيل بينچ ٻڌندي ۽ ان جو فيصلو ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن تي ٻڌل هوندي ۽ فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيندو

هن کي به پڙهندا

پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ جي 3 ججز وٽ هوندو: بل منظور

پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، سڀ ويا پر عمران نيازي موجود آهي، ادارن ۾ ويٺل ڪجهه آئنسٽائن فيصلا ڪن ٿا: بلاول ڀٽو

چيف جسٽس جا اختيار رڳو ورهائي رهيا آهيون ختم نه پيا ڪيون: خواجا آصف