سپريم ڪورٽ وٽ اهو اختيار ڪيئن آهي ته آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ جو قرار ڏئي: جسٽس مندوخيل

0
28
سپريم ڪورٽ وٽ اهو اختيار ڪيئن آهي ته آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ جو قرار ڏئي: جسٽس مندوخيل
سپريم ڪورٽ وٽ اهو اختيار ڪيئن آهي ته آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ جو قرار ڏئي: جسٽس مندوخيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ خلاف نظرثاني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ ايڪٽ جي رول 94 کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو ته ريٽرننگ آفيسر آزاد اميدوار ڊڪليئر نٿو ڪري سگهي، جڏهن ريٽرننگ آفيسر وٽ اهڙو اختيار نه آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ وٽ ڪيئن آهي ته هو آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ جو قرار ڏئي. جسٽس امين الدين پڇيو ته رليف سني اتحاد جي جاءِ تي پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو هو، ڇا توهان ان فيصلي سان متفق آهيو. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته ها، مان ان فيصلي سان متفق آهيان ڇاڪاڻ ته ايس آءِ سي ۽ پي ٽي آءِ جو مفاد هڪ هيو، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي سيٽون ملڻ تي اعتراض نه ڪيو ويو. جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته جڏهن ايس آءِ سي ۽ پي ٽي آءِ جو آئين ۽ پارٽي جو ڍانچو الڳ آهي ته پوءِ مفاد هڪ ڪيئن ٿي سگهن ٿا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو مفاد مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ هڪ ئي هو. فيصل صديقي چيو ته جسٽس منصور علي شاهه به پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته حالتون اهڙيون هيون جو پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي سني اتحاد ۾ وڃڻو پيو. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا ڪنهن اميدوار پاڻ اهي حالتون بيان ڪيون ڇا ڪنهن چيو ته مان مجبور هئس. گهٽ ۾ گهٽ ڪو بهانو ته ڏنو وڃي ها. فيصلو 13 جنوري تي آيو پر نامزدگي وارا ڪاغذ ڊسمبر ۾ جمع ٿيا هئا، تڏهن به ڪجهه اميدوار پاڻ کي آزاد ڏيکاريو. فيصل صديقي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 22 ڊسمبر 2023 تي پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس ورتو هو. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪا ناانصافي سپريم ڪورٽ پهريان ڪئي ان جو ازالو مخصوص سيٽن واري فيصلي ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته صرف 14 پي ٽي آءِ اميدوار هئا جن پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا هئا، اسان تصور ڪيو ته باقي 39 اميدوارن پي ٽي آءِ جوائن ئي نه ڪيو. وڪيل فيصل صديقي چيو ته نامزدگي وارن ڪاغذن جي حوالي سان ٽائيم لائين ۾ تبديلي ٿيڻي هئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن مون پنهنجي فيصلي ۾ ڪا غلطي ڪئي آهي ته مان ان جي اصلاح لاءِ تيار آهيان، اوهان اسان وٽ آيا به نه تڏهن به اوهان کي ايترو فائدو مليو، جيڪڏهن اوهان اچي وڃو ها ته اسين ڇا نه ڪري ڇڏيون ها. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ چيو ته سڀني ججن فيصلو ڏنو ته ايس آءِ سي کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ملي سگهن. سڀني چيو ته ڪاش توهان جو چيئرمين پنهنجي پارٽي سان وڙهي ها ته سڀ ان ۾ شامل ٿي وڃن ها. اها پارٽي جيڪا چونڊ ۾ حصو نه ورتو ۽ ڪا به سيٽ نه کٽي، ان کي مخصوص سيٽن جو حق حاصل نه آهي. عدالت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي جي ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.