اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو مخصوص سيٽن واري ڪيس تي ٻڌڻي جي حڪم نامي ۾ اضافِي نوٽ سامهون اچي ويو، جسٽس اطهر نوٽ ۾ لکيو آهي ته هڪ وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ عمل مان ڪڍي ووٽرز کي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو، هي رڳو مخصوص سيٽن جو نه، اصل اسٽيڪ هولڊرز ۽ ووٽرز جي آئيني حقن جو ڪيس آهي، بادي النظر ۾ سپريم ڪورٽ جَي فيصلي جِي غلط تشريح ٿي، عدالتي فيصلي جو مقصد ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ نه هو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو هڪ سياسي پارٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح جي بنياد تي نااهل ٿي، نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي جي غلط تشريح سان وڏي سياسي پارٽي کي چونڊ عمل مان ڪڍيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پي ٽي آءِ اُميدوارن کي آزاد حيثيت ڏيڻ جو فيصلو آر اوز تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ الزامن کي نظرانداز ڪري ووٽرز جي حقن جي معاملي تي انڌي نٿي ٿي سگهي، آئين سپريم ڪورٽ کي مڪمل انصاف جو اختيار ڏئي ٿو، اليڪشن ڪميشن مطمئن ڪري ته ڪيئن هڪ پارٽي چونڊن کان ٻاهر ٿي، اليڪشن ڪميشن مطمئن نه ڪيو ته ڪميشن تي سوال اٿندا