اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراھيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي صدارتي نظام جو نفاذ چاھيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته اسان به اسلامي نظام چاھيون ٿا، پاڪستان ۾ پارليماني نظام حڪومت آھي. اوھان ائين ڪريو پاڪستان جو آئين پڙھو. دستور جي ڪتاب جو رنگ به سائو آھي. آئين پاڪستان ۾ الله جي نظام جو ذڪر آھي. آئين جي شروعات الله جي ذڪر سان ٿيندي آھي. قرآن پاڪ جو آئين پاڪستان ۾ ذڪر آھي. آئين جي آرٽيڪل 227 مطابق ڪو به قرآن ۽ سنت جي منافعي نٿو بڻجي سگھي ٿو. چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوھان کي انھن ڳالھين سان اختلاف آھي؟ ڇا اوھان صدارتي نظام ۾ صدر ٿيڻ چاھيو ٿا. اوھان ڇو سمورا اختيار فرد واحد کي ڏيڻ جي لاءِ صدارتي نظام چاھيو ٿا. اوھان جيڪو پڙھي رھيا آھيو اھو آئين پاڪستان ناھي. درخواستگذار چيو ته مون کي آئين پاڪستان جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ مھلت ڏني وڃي. جنھن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ھي درخواست خارج ڪري ڇڏيون ٿا اوھان آئين پڙھو پوءِ جيڪڏھن اوھان کي لڳي ته نئين درخواست داخل ڪرائجو.