اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ نظرثاني اپيل واپس وٺي. قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ ڪالهه ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي سزا معطلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري، مشرف خلاف قانون مطابق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته حڪومت جسٽس فائز ڪيس ۾ اپيل واپس وٺي، عدليا کي آزاد رهڻ ڏنو وڃي، ان موقعي تي قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ جسٽس فائز ڪيس ۾ نظرثاني اپيل وارو معاملو ڪابينا ۾ اٿارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت مشرف کي واپس آڻڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مشرف کي سزا آئي هئي، هو واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي، عدالت سندس معاملي کي ڏسي.