ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ليپ ٽاپ جي جاءِ تي خالي کوکو (ڪارٽن) آمريڪا موڪلڻ تان وفاقي حڪومت سميت ٻين اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو .ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾ ليپ ٽاپ بجاءِ خالي ڪارٽن آمريڪا موڪلڻ جي الزام هيٺ پاڪستان پوسٽ آفيس جي برطرف ملازم منظور مغل جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڊپٽي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذار کي فراڊ ڪرڻ تان برطرف ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جا شهري ليپ ٽاپ آمريڪا موڪليندا هئا، منظور مغل 40 ڏينهن تائين ليپ ٽاپ آمريڪا نه موڪليو، 40 ڏينهن کانپوءِ هن ليپ ٽاپ پاڻ وٽ رکي خالي کوکو آمريڪا موڪلي ڇڏيو، ڀانڊو ڦاٽڻ تي هن ڏوهه جو اعتراف ڪندي ليپ ٽاپ جي رقم ادا ڪئي، درخواستگذار انٽرنيشنل ميلنگ جو انچارج هو.
هوڏانهن درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ڏوهه جو اعتراف ڪندي رقم به ادا ڪئي آهي، سندس 43 سالن جي سروس آهي، برطرفي سان وڏو نقصان ٿيندو.