اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي جوڊيشل ڪمپليڪس ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فوري معلومات جي فراهم جو حڪم ڏنو، جوڊيشل ڪمپليڪس جي تعمير ۽ منظوري جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، رجسٽرار سپريم ڪورٽ رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪلر ڪهار تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي رڪارڊ جي فراهمي تائين منصوبي تي وڌيڪ ڪم روڪيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته قديم پارڪ جي زمين کي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڇو تبديل ڪيو پيو وڃي؟ چيف جسٽس معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.