اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏيندي سندس فوري طور آزادي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عظميٰ هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته اڄ ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ڪري فيصلو جاري ڪيو وڃي. القادر ٽرسٽ ۾ عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏيڻ خلاف تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري طرفان داخل درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جي القادر ٽرسٽ ۾ گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ عمران خان کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ فيصلو جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. بعد ۾ 7 نقطن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي سپريم ڪورٽ چيو ته عمران خان کي صبح يارهين بجي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، نيب ۽ اسلام آباد پوليس عمران خان جي سڪيورٽي فول پروف بنائين. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار چيف جسٽس آڏو معاملو رکي، هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي تائين عمران خان پوليس لائينز گيسٽ هائوس ۾ رهندو. عمران خان جي ڏهه مهمانن سان ملاقات ڪرائي سگھجي ٿي. عمران خان جي خواهش تي ڏهه ماڻهو ساڻس گڏ رهي سگھن ٿا. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو هي حڪم نيب جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ٿيندڙ جاچ تي اثر انداز نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ نيب جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ وارنٽ تي عملدرآمد جي طريقي ڪار کي به غيرقانونيق رار ڏئي ڇڏيو.  واضح رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري عمران خان جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن چئلينج ڪيو هو. فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته عمران خان جي گرفتاري غير قانوني آهي، عمران خان جي گرفتاري قانوني قرار ڏيڻ جو هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته عمران خان کي جتان گرفتار ڪيو ويو، اتان سموري ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي وڃي، جيڪا ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ٿيو، ان تي عدالت گهڻي سنجيده آهي. عدالت چيو ته عمران خان کي جنهن طريقي سان گرفتار ڪيو ويو، ان جو دفاع ممڪن ناهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عمران خان کي 15 گاڏين تي ٻڌل سيڪيورٽي قافلي ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو، کيس عدالتي ڪمري ۾ پهچائڻ کانپوءِ عدالتي ڪمرو بند ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.