ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه  مري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت عوامي اڳواڻ کي ڏنل سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي. ڪالهه بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو شهيد ڀٽو جا وارث بڻجي سپريم ڪورٽ ۾ هر ٻڌڻي تي پيش ٿيندا رهيا آهن. ملڪ جي سمورين پارٽين کي شهيد ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي آجيان ڪرڻ گهرجي، جيڪي پارٽيون ائين نه ڪنديون، اهي جمهوري ناهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو جمهوريت لاءِ جان ڏني، شازيه مري عدالتي فيصلي جي اهم نقطن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته هڪ بيگناهه کي غير شفاف ٽرائل ذريعي ڦاهي ڏني وئي. شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل 5 جولاءِ 1977ع کان شروع ٿيو، جڏهن هڪ آمر ملڪ جي آئيني ۽ چونڊيل حڪومت کي قتل ڪيو. 5 جولاءِ 1977ع کان شروع ٿيندڙ اونداهي اڃا ملڪ مان نه نڪتي آهي.