اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري جو مدو ٽي سال ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ موجب چيف جسٽس جو مدو ٽي سال ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي باقي ترميم ٿيڻي آهي.  آئيني ترميم لاءِ ڪاميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنيٽ اليڪشن بعد ملازمت تي فيصلو ٿيڻ بعد آئيني ترميم ٿيندي. ان کان اڳ چيف جسٽس جي ملازمت جو مدو عمر جي لحاظ کان طئه ڪيو ويندو هو.  ٻئي پاسي حڪومت چيف جسٽس جو مدو وڌائڻ جي ترديد ڪئي آهي. سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت في الحال ان قسم جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو. ڪجهه ميڊيا گروپ ان قسم جون خبرون پکيڙي رهيا آهن. جن ۾ ڪا سچائي نه آهي.