اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ جي هڪ جملو لکڻ سان ڪيس 18-18 سال هلندا آهن، حڪم ۾ اهڙو ڪجهه نه لکنداسين جنهن سان سول ڪورٽ ۾ ٻيهر ڪيس شروع ٿي وڃي،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي زمين جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهڙا رمارڪس ڏنا، ٻڌڻي دوران درخواستگذار استدعا ڪئي ته سپريم ڪورٽ تحريري حڪم ۾ اسان کي واڳيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري، جسٽس شاهد بلال چيو ته سپريم ڪورٽ جي لکڻ کانسواءِ به توهان واڳيل فورم سان ربطو ڪري سگهو ٿا، عدالت واڳيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.