سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائي ڏيکارينداسين، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل نه ٿئي، ڪو نئون نظام آڻڻ چاهيو ٿا ته ٺاهي وٺو، معاملا ائين نه هلندا، يا ته سڄو ڍانچو ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ٻيو ڪجهه ٺاهي وٺو
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه اسلام آباد ۾ عدالتي فيصلن تي عملدرآمد بابت تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته مون کي پاڪستان جو وقتي چيف جسٽس چيو ويو، مان وقتي چيف جسٽس نه پر سينيئر ترين جج آهيان
هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجو دوست ۽ منهنجو چيف جسٽس آهي، مان سينيئر ترين جج ئي ٺيڪ آهيان، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد روايت نه پر لازمي گهرج آهي
جسٽس منصورعلي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ کي اها اٿارٽي ڪنهن ٻئي هنڌان نه پر آئين مان ملي ٿي، آئين چوي ٿو ته هي فيصلو آهي ۽ ان تي عملدرآمد ٿيڻو آهي، آئين موجب هن فيصلي جي عزت ڪرڻ به ضروري آهي ۽ اها اسان جي ذميواري آهي
هن چيو ته ڪنهن وٽ به چوائس نه آهي ته اهو جج ڪري ته فيصلو ٺيڪ آهي يا نه آهي، اهو اختيار رڳو ۽ رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جيڪڏهن هن فيصلي تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي ته ان جا سنگين نتيجا به آهن
هن چيو ته اسان ڏٺو ته هڪ فيصلي تي ڪافي وقت کان عمل نه پيو ٿئي پر ائين نه ٿيندو، توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته جڏهن مون وٽ اختيار هوندو ته اسان هن فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل ڪرائينداسين