اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ نور عالم خان جي صدارت ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جو ڊپٽي رجسٽرار شير افگن شريڪ ٿي ٻڌايو ته رجسٽرار دستياب نه هو، چيئرمين پي اي سي نور عالم خان چيو ته سپريم ڪورٽ اسان جي آهي، اسان ڪنهن جي تضحيڪ لاءِ هتي نه ويٺا آهيون، هن چيو ته پرنسپل اڪائونٽ آفيسر رجسٽرار آهي، ان جو هتي اچڻ ضروري آهي، توهان ته هڪ خط نه لکڻ تي وزيراعظم کي هڪ منٽ جي سزا ڏئي نااهل ڪري ڇڏيندا آهيو، نور عالم خان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ ووٽنگ ڪرائي، پي ايس جي اڪثر ميمبرن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ موقعو ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي، ڪاميٽي جي 8 ميمبرن وارنٽ جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، برجيس طاهر وارنٽ جاري ڪرڻ تي اصرار ڪيو، مشاهد حسين سيد مخالفت ڪندي چيو ته وارنٽ جاري نه ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪاميٽي چيئرمين سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي پيش ٿيڻ جوآخري موقعو ڏئي ڇڏيو، نور عالم خان چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آڊٽ نه ڪرائيندي ته باقي ادارا ڪيئن ڪرائيندا، اسان ڪو چيف جسٽس کي طلب نه ڪيو آهي، رجسٽرار بطور پرنسپل اڪائونٽ آفيسر پي اي سي ۾ پيش ٿيڻ جو پابند آهي.