سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فون ٽيپنگ جو قانون شڪي قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي رپورٽس يا قانون ۾ دلچسپي نه آهي، نتيجا گهرجن، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فون ٽيپنگ جو قانون شڪي آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته قانون موجب فون ٽيپنگ لاءِ رڳو جج اجازت ڏئي سگهي ٿو، ڇا ڪنهن جج کي ان مقصد لاءِ نوٽيفائي ڪيو ويو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جج جي نامزدگي بابت مون کي ڪا به ڄاڻ نه آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هن ڪيس جا اثر ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي به پوندا، هي معاملو چيف جسٽس جي چئمبر کان شروع ٿيو هو، چيف جسٽس ڪاڏي ويندو، آئيني عدالت فون ٽيپنگ بابت ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، آئيني بينچ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت 3 درخواستون پيروي نه ٿيڻ سبب خارج ڪري ڇڏيون، درخواست گذار قيوم خان، محمد اختر ۽ ميان شبير عدالت آڏو پيش نه ٿيا، آئيني عدالت پي ٽي آءِ باني جي به عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.