سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪش ايڪٽ گڏ نٿا هلي سگهن: چيف جسٽس

0
86
سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪش ايڪٽ گڏ نٿا هلي سگهن: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪش ايڪٽ گڏ نٿا هلي سگهن: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنگين غداري جهڙي ڏوهه تي نااهلي 5 سال آهي ته نماز نه پڙهڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي تاحيات نااهلي ڇو؟ تاحيات نااهلي تي سُپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪش ايڪٽ گڏ نٿا هلي سگهن، پارليامينٽ جي قانونسازي هلندي يا سُپريم ڪورٽ جو فيصلو، اُٺ کي ڪهڙي ڪڙي تي ويهڻو ته آهي

عدالت تاحيات نااهلي جو مُدو طئه ڪرڻ وارو معاملو لارجر بئنچ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ ججز ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو

مير بادشاهه قيصراڻي جي تاحيات نااهلي جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي ۽ اليڪشن ايڪٽ جي ترميم ۾ تضاد جو به نوٽيس ورتو ويو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾  چونڊون سِر تي آهن، اليڪشن ٽربيونلز ۽ عدالتون مونجهاري ۾ هونديون ته فيصلي لاءِ ڪنهن تي ڀاڙين؟ خدشو آهي ته ٽربيونلز ۽ عدالتون غيرضروري ڪيسز ۾ ڦاسي پونديون، اليڪشن ايڪٽ ۽ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ڪنهن هڪ کي برقرار رکڻو آهي

 عدالت اٽارني جنرل ۽ چئني ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي عام چونڊن کان اڳ 24 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي

هن کي به پڙهندا

ڪسٽم وارا پئسا وٺي پاڻ گاڏيون اسمگل ڪرائين ٿا: چيف جسٽس