اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ڇھن ججز پاران سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ کي لکيل خط تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ھيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٻن ڪلاڪن تائين جاري رھڻ بعد ختم ٿي ويو. ذريعن مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز پاران لکيل خط جو جائزو ورتو ويو. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط تي سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ھيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو. ذريعن مطابق فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز، جسٽس منصور علي شاھه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظھر، جسٽس شاھد وحيد، جسٽس اطھر من الله، جسٽس حسن اظھر رضوي، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس مسرت ھلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز پاران سپريم ڪورٽ ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي عدليه ۾ مداخلت متعلق لکيل خط جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن ججز پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو. ذريعن موجب وقت گهٽ هجڻ ڪري فل ڪورٽ اجلاس حتمي نه ٿي سگهيو، سپريم ڪورٽ ججز جو فل ڪورٽ اجلاس اڄ ٻيهر ٿيڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن وزيراعظم جي چيف جسٽس سان اڄ ملاقات سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، اٽارني جنرل وزيراعظم کي چيف جسٽس پاڪستان سان ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم اڄ چيف جسٽس سان ملاقات ڪندو، قانون وارو وزير به گڏ هوندو.