سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ريفرنس داخل ڪرڻو پيو ته ڪنداسين: طارق بشير چيمه

0
81
سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو
سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ريفرنس داخل ڪرڻو پيو ته ڪنداسين: طارق بشير چيمه

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي طارق چيمه چيو ته اسان پهرين فيصلو ڪيو هو ته عمران خان کي ووٽ ناهي ڏيڻو، چوڌري شجاعت مون کي چيو هو ته ڪابينا تان استعيفي ٰ ڏئي ڇڏيو
طارق بشير چيمه جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت پرويز الاهي کي چيو هو ته منهنجا اميدوار ٿيو، عمران جا نه، اڄ به چوڌري شجاعت چوي ٿو ته پرويز الاهي منهنجو وڏو بڻي، پي ٽي آءِ ڀلي تاحيات چوڌري پرويز الاهي کي وڏو وزير رکڻ جو اعلان ڪري ته به اسان عمران خان سان گڏ نه آهيون
هن چيو ته چوڌري شجاعت چئي رهيو آهي ته خط پڙهائي وٺندس، ڪنهن جي گهر وڃڻ سازش ناهي هوندي
هن چيو ته چوڌري شجاعت چئي رهيو آهي ته مان 50 ڀيرا چيو آهي ته عمران خان جو وزير ناهي ٿيڻو، عمران خان اندر ڪجهه ڳالهائيندو آهي ۽ ٻاهر وڃي ڪجهه ٻيو ڳالهائيندو آهي، عمران خان نالائق ۽ نااهل آهي