اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڀارتي جارحيت ۾ شهيد ٿيل پاڪستانين لاءِ سپريم ڪورٽ پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جو تعزيتي اجلاس ٿيو، ججن شهيدن لاءِ فاتحه خواني ۽ دعاءِ مغفرت ڪئي. پڌرائي مطابق معصوم جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ سڄي قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي معصوم انساني جانين جي تحفظ ۽ انساني وقار جي عزم جو اظهار ڪيو.