اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت عدليه بابت آئيني ترميمن جو مسودو تيار ڪري ورتو، آئيني ترميمون اڄ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن، ذريعن موجب آئيني ترميمن ۾ سُپريم ڪورٽ جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 65 مان وڌائي 68 سال ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽس جَي ججز جِي ملازمت جو مُدو 62 مان وڌائي 65 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي، ترميم وسيلي ججز مقرري بابت طريقيڪار به تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن، جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪاميٽي کي مِلائي هڪ ڪرڻ جي تجويز ترميم جو حصو هوندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 3 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس شام 4 وڳي ٿيندو. هوڏانهن وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن، قومي اسيمبلي ۾ اڄ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي، واضح رهي ته آئيني ترميم لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽئي اڪثريت گهربل هوندي آهي، ٻه ڀاڱي ٽئي اڪثريت لاءِ قومي اسيمبلي ۾ 224 ۽ سينيٽ ۾ 63 ووٽ گهربل هوندا آهن، قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي انگ 211 ۽ اپوزيشن جو 101 آهي، اهڙي ۾ حڪومت کي وڌيڪ وڌيڪ 13 ووٽ گهربل هوندا، سينيٽ ۾ حڪومتي بينچز ۾ پ پ جا 24، ن ليگ جا 19، باپ جا 4، متحده جا 3 ميمبر آهن، ٻه آزاد سينيٽر به حڪومت سان گڏ آهن ۽ ٻه ٻيا آزاد ميمبر به ايوان ۾ آهن، ائين اهو انگ 54 ٿئي ٿو ۽ ترميم لاءِ حڪومت کي وڌيڪ 9 ووٽ گهربل هوندا.