ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل خلاف 2011ع ۾ داخل صدارتي ريفرنس کي ٻڌي قانون مطابق فيصلو ڪري. موجوده سپريم ڪورٽ بار پنهنجا معاملا آزاداڻي نموني هلائيندي، اسانجو ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن ڪو جهڪاءُ نه هوندو. سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاران حمايت ڪرڻ تي پيپلز لائرز فورم جي اڳواڻن سان ڪراچي ۾ملاقات دوران هن چيو ته هلندڙ سال سپريم ڪورٽ جي وڪيلن جي هائوسنگ سوسائٽي جو مسئلو حل ڪرائينداسين. اسان بار ايسوسيئيشن جا معاملا پيشيوراڻي نموني حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر احسن ڀون بار جي چونڊن ۾ سهڪار تي بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيوته اسان بطور وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن پ پ کي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪم ڪندي ڏٺو آهي، انهن آمريت جو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪ جي سياسي نظام ۽ معيشت بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ پڻ ملڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ کي به ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي، عدالت کي به تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي سرخرو ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي.