سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو: توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ

0
18
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو: توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو: توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل نذير عباس کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس سنگين غلطي ڪئي آهي، رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي سندس معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل رجسٽرار آئيني بئنچ جو ڪيس غلطي سان ريگيولر بئنچ آڏو مقرر ڪيو، اُن جي نتيجي ۾ عدالت ۽ ڌُرين جو وقت توڙي وسيلا ضايع ٿيا. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻڌڻي هيٺ ايڊيشنل رجسٽرار توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ ڪيو ويو، رجسٽرار سپريم ڪورٽ پاران ايڊيشنل رجسٽرار توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ ڪرڻ جو نوٽيس پڻ جاري، اڄ سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس تي ٻڌڻي نه ٿي سگهندي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ آرٽيڪل 191 اَي بابت ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو، بئنچ عدالتي حڪم باوجود ڪيس مقرر نه ڪرڻ جي معاملي تي حامد خان ۽ منير اي ملڪ کي عدالتي معاون مقرر ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي هئي.