سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن ڪيس غير موثر هجڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏيو

0
24
ججن جي بدلي ۾ حڪومت جي بدنيتي، سمري ۾ غلطيون، ڪابينا مان منظوري به نه ٿي
ججن جي بدلي ۾ حڪومت جي بدنيتي، سمري ۾ غلطيون، ڪابينا مان منظوري به نه ٿي

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس امين الدين چيو ته صرف ايترو ٻڌايو ته وفاقي حڪومت کي آڊيو ليڪس تي ڇا ڪرڻو آهي؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته مونکي هدايتن لاءِ وقت ڏيو، ان تي جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اوهان مذاق سمجهو آهي، ڪڏهن اوهان ويندا آهيو ته ڪڏهن اٽارني جنرل، صرف ها يا نه جو ٻڌائڻو آهي، روز اسان هتي ويهي ڪري بس هڪ ئي مامرو لٽڪائي رکئون ته اٽارني جنرل نه آهي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان چيو ته اٽارني جنرل کي ٻڌائڻو آهي ته ڇا آڊيو ليڪس تي نئون ڪميشن ٺاهيندا يا نه، جسٽس امين الدين خان چيو ته هي ڪيس غير موثر ٿي چڪو آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سڌي ڳالهه آهي آڊيو ليڪس ڪميشن جو سربراهه قاضي فائز عيسيٰ ريٽائر ٿي ويو آهي، انڪوائري ڪميشن جا ميمبر جسٽس نعيم اختر ۽ جسٽس عامر فاروق سپريم ڪورٽ جا جج بڻجي ويا آهن، وفاقي حڪومت کي نئين ڪميشن به ٺاهڻي آهي تڏهن به هي ڪيس هاڻي غير موثر آهي، عدالت آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن ڪيس غير موثر هجڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏيو